شيخ عبدالقادر ڪوڪباني

شيخ، عبدالقادر، ڪوڪباني: شيخ محمد حيات السنڌيءَ جي لائق شاگرد، نامور عالم ۽ عربي ٻوليءَ جي اديب، شيخ عبدالقادر ولد احمد 1135هه/1723ع ڌاري يمن جي شهر ڪوڪبان ۾ جنم ورتو. انهيءَ شهر جي نسبت سان کيس ڪوڪباني سڏيو ويندو هو. ابتدائي تعليم ڪوڪبان ۾ ورتي، ان کان پوءِ زبيد ۾ پڙهيو، جنهن کانپوءِ مديني منوره ويو، جتي نامور عالم شيخ محمد حيات سنڌي، امير محمد صنعاني، شيخ عبدالخالق مزجاجي سميت ٻين ڪيترن ئي عالمن ۽ محدثن کان تعليم حاصل ڪيائين. اڳتي هلي وڏو عالم ۽ محدث ثابت ٿيو. پاڻ سڄي زندگي ديني تعليم ڏنائين ۽ حديث بابت چاليهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيائين، جن ۾: (1) هاشية القسطلاني، (2) شرح فلڪ قاموس الفيروز آبادي، (3) شرح نظم فصيح ثلعب في اللخلة، (4) حاشية المطول و مختصره، (5) حاشية علي ضوءِ النهار، (6) شرح نزهة الطرف في البحار والمجرور والظرف ۽ مسند في اسماء شيوحه اهم آهن. هن 1207هه/ 1792ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو